ملڪ اسد سڪندر

ملڪ اسد سڪندر

اسد سڪندر ملڪ

اسد سڪندر ملڪ: ملڪ اسد سڪندر ڪوهستان ۾ آباد مختلف قبيلن جو سردار ۽ تَر جي بااثر شخصيت آهي. ملڪ اسد 1968ع ۾ ڄائو. سندس والد ملڪ سڪندر خان به پنهنجي دور جو اهم سياستدان ۽ بااثر شخصيت هو، جيڪو هر ڀيري انهيءَ تڪ مان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو. ملڪ اسد پنهنجي سياسي سفر جي شروعات 1985ع ۾ ڪئي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هو ان کان پوءِ پنهنجي تڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ جڏهن به بيٺو ته ڪامياب ٿيو. هو محمد خان جوڻيجي صاحب جي حڪومت ۾ ٻيلي کاتي ۽ جهنگلي جيوت جو وزير رهيو. 1997ع جي چونڊن ۾ هو هڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تان ڪامياب ٿيو. بعد ۾ هن قومي اسيمبليءَ جي سيٽ ڇڏي، جنهن تي سندس گروپ جو ئي پير بخش خاصخيلي ايم اين اي ٿيو. مشرف دور جي 2002ع وارين مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ضلعي ناظم دادو (ان وقت ڄامشورو دادو ضلعي ۾ شامل هو) ۽ 2005ع ۾ ضلعي ناظم ڄامشورو چونڊيو ويو هو. هو پنهنجي علائقي ۾ وڏو سياسي ۽ سماجي اثر رکندڙ شخصيت چيو وڃي ٿو.تاحال (2009ع) ضلعي ناظم هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو